اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??لڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ??وريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي ??ئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ??لڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته ??گران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ??وشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??يول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪ??يت??ن آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي ??لا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.