اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان موغاديشو ۾ ملٽري بيس تي دهشتگرد حملي ج?? مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان موغاديشو ۾ ملٽري بيس تي گڏيل عرب امار??ن جي ملٽري ٽرينرز ۽ تربيت هيٺ صومالي سپاهين جي تربيتي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي ج?? مذمت ڪندي گڏيل عرب امار??ن ۽ بحرين جي عوام، حڪومت ۽ متاثر خا??دا??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي ج?? مذمت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي واقعن خلاف صوماليه جي حڪومت سان گڏ آهي.