اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آ??ي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ??اڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور ا??اگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مرضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، ??سجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگا??ي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي ه??ست??ئين پناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آ??ي، پناهه ه??ست??ئين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آ??ي، پناهه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مرضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.