برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي ??زي?? المازروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ??زي??ن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??زي?? موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپ??ن جي طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ ??ها??ت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي ??زي?? ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پي اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏيل عرب امارات جي ??زي?? پاڪستان جي پنهنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان جي ترقي ۾ حصيدار رهندو.