اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قط?? جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي اڳ??اڻ?? پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قط?? سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳ??اڻ?? اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قط?? جي امير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظ?? کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قط?? جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.