اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيل?? پروفيشنلز جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ تيزي سان هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اس??تال ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ قائم آئسوليشن رومز جو دورو ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.