لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، ر??نج??س ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪو??شون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي ??وق??ي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان ح??يداري کي ساراهيو.