اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آهي، خواجه صاحب کي غريبن جو احساس نه آ??ي نه ته اهو بيان ن?? ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿي، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خواجه صاحب پنهنجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پنهنجو سرمايو پاڪستا?? واپس آڻين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري ر??يو آهي، هو پهرين ڏينهن کان هڪڙي ڳالهه چئي ر??يو آهي ته قوم کي ڪورونا کان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک کان به بچائڻو آهي.