اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي مو??ودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپور?? پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مالي مدد فراهم ??ندو?? ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ??رڻ آهي?? انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپور?? پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاون فنانسنگ فراهم ??ري رهيو آهي?? ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ??رڻ آهي?? ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.