اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺ??هه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪستان جي سمورين سيا??ي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سيا??ي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويراتي پاليسين سان جڙيل آهن ۽ اهي پاڪستان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن ۽ و??يراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ??دا ڪيو.