اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي?? سمورن ٻارن کي معياري تعليم ??اص?? ڪرڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪجهڙي قومي نصاب تربيت ڏيڻ اسان جو مقصد آهي.