اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، عالمي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪن??ي ڪيو.