اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق س??جر??ڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽ??رل??نڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي ??نتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽ??رل??نڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي ??گهن ٿا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽ??رل??نڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق س??جر??ڻي سوئٽ??رل??نڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ??ينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.