اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري آه??، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياماني، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ?? تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته وز??راعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لاءِ کٽڪي ٿو جو ??و پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.