ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آم??يڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مد?? وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پي?? تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگا?? ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آم??يڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آم??يڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.