مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشم??ر جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس جو صدر مرزا شفيق اح??د جرال، جم??عت اسلامي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جم??عت اسلامي جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشم??ر جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ي??سين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشم??ر جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.