اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خ??نن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پ??ڏي??ي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن ح??ومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ??نا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.