اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعا?? ۽ ??شريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مروج فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نئين روشن مستقبل لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، ترقي جا معيار ??دلجي ويا، نااهلي جي حوص??ا شڪني ۽ اهليت جي حوصلا افزائي ٿيندي، ماڻهن جي خوشنودي يا ڪ??هن سياسي خاندان جي خدمت گذاري ترقي جو معيار نه بڻجندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ترقي جو معيار هاڻي محنت، صلاحيت، عوامي خدمت ۽ عوام جي مسئلن جي حل سان جوڙي ڇڏيو آهي.