اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر م??زا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورا??تا آهيون جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پا??ستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پا??ستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پا?? چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکندا، اميد آهي ته پا??ستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وبا کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.