اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڻي جي کوٽ ۽ وڏن شهرن ۾ ويسٽ و??ٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي ??اء?? جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي اي او راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين، وائيس چيئرمين ايل ڊي اي ايس ايم عمران ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا، اجلاس ۾ ٻنهي اهم منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيفائر بي ۾ ترقياتي ڪم ايندڙ هفتي ڪنٽريڪٽ جاري ڪرڻ کا??پوءِ جلد شروع ڪيو ويندو، انڊسٽريل زون جي حوالي سان منظوري جو عمل به جون ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کا??پوءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. راوي سٽي ۾ اقرا يونيورسٽي، يو ايم ٽي ۽ آءِ ايس سي پنهنجا ڪيمپسز قائم ڪنديون. اقرا يونيورسٽي پنهنجي ڪيمپس سان گڏوگڏ اسپتال جي تعمير ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اجلاس کي راوي سٽي ۾ واسا جي ٽن واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي منتقلي ۽ ويسٽ و??ٽر ٽريٽمينٽ جي ??اء?? جديد ٽيڪنالاجي جي استعما تي به بريفنگ ڏنيو ئي، شرڪت ڪندرن جڊيشل واٽر ڪميشن پاران انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي راوي سٽي منصوبي ??اء?? منظوري جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايتن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.