اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان م??ڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحا??تي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدار?? ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحا??تي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان م??ڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحا??تي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحا??تي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.