اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انساني ب??يادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قوم?? جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حق?? جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل آهي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني ب??يادن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستا?? جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انساني ب??يادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستا?? جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن ج?? جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عالمي ذميواري جي اصول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگير?? جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني ب??يادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسم?? جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ادار?? جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتق??ي کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني ب??يادن تي راهداري جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائ?? جي انساني ب??يادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا ??هيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجري?? جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني ب??يادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسم?? جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ذريعي گڏيل قوم?? جي انساني ب??يادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.