اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو معيار بهت?? بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله ??ان ملاقات دوران ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگي جي معيار کي بهت?? بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس ??ان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزي??اع??م عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزي??اع??م عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌي?? مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزي??اع??م ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.