اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سا?? رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي ا??تظاميه سا?? رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ع??را?? خان سا?? قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ع??را?? خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سا?? پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي ا??تظاميه سا?? ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين.