اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير ??زي??اعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. ??زي??اعظم شهباز شريف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي ??زي??اعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي ع??م کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. ??زي??اعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر ج?? قدمن کي پڻ ساراهيو. ??زي??اعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار ک?? ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. ??زي??اعظم قطر جي امير ک?? جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.