ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي سنڌ جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀل??ئي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد ع??ي شاهه ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ انتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم وڏي وزير کي صوبي جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀل??ئي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم محمد شهباز شر??ف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي پنهنجي ڪابينا پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي عوام جي ڀل??ئي ۽ ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم استعمال ۾ آڻينداسين، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي م??مب?? شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، مولانا ا??عد محمود، احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا.