اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي صارفين کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري جائزو وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان ??ي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان ??وفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران مو??ليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهرين کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفين کي مو??يل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري جائزي جي هدايتن کان ??گاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان ??لسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان ??لسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج مو??ليندڙ ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آه??، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج مو??ليندڙ ڪمپني کي ميسيج مو??لڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ڊيٽا ان ??ي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏيڻ جي پابند هوندي.