اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چ??و آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهر?? تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي م??صور شاهد ايس الطائيبي به موجود هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي م??ڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي م??ڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چ??و ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهر?? تائين وڌايو ويندو، سعودي سفير ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ”روڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي ??ان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي م??ڪ ??ان روانگي ??ان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.