اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي ??عاملن واري ??زا??ت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جرمن?? ج?? شهر برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تحت پاڪستان جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ايف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪوآپري??ن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي قومي ايف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽ?? ج?? سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگرد?? ج?? مالي مدد جي خاتم?? ج?? نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کان 17 جون تائ??ن برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ايف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ايف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.