اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيدنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا، گذريل چئن سالن دوران پاڪستان تي مڙهيل نااهل ٽولي معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه برباد ڪيو، وفاقي ڪابينا افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي ڇهن مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ واپار کي سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ ٻين سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وفاقي ڪابينا ٽانڪ ضلعي ۾ پوليو مهم تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ٻه ڪانسٽيبل ۽ پوليو ٽيم جو هڪ ورڪر شهيد ٿيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ??فا??ش تي نيشنل هيزرڊئيس ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي منظوري ڏني. هن ??يو ته ڪابينا گهرو وزارت تحت قائم افغان بين الوزارت تعاون سيل جي ايپيڪس ڪميٽي ۽ نادرا، سيڙپڪاري بورڊ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ويزا رجيم تي ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن جي منظوري ڏني. هن ??يو ته پاڪستاني ??فا??تخانو افغانين جي ويزا جي درخواست کي ڪنٽري آف اوريجن بدران موجوده نيشنلٽي/پاسپورٽ جي بنياد تي پراسيس ڪندو. هن ??يو ته افغانستان سان واپار جي فروغ لاءِ ورڪ ويزا ڪيٽيگري ۾ هڪ نئين سب ڪيٽيگري، ڊر??ئيورز/ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز جي نالي سان پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. شروعاتي طور تي 48 ڪلاڪن دوران ڇهن مهينن جي مدي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا جاري ڪئي ويندي جنهن جي مدي ۾ هڪ سال جي توسيع جو اختيار گهرو وزارت کي هوندو. هن ??يو ته ويزا جي لاءِ گهربل دستاويزن ۾ درخواست ڪندڙ جو فوٽو، پاسپورٽ/ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽريشن ۽ ايمپلائمينٽ ليٽر شامل هوندو جڏهن ته توسيع جي صورت ۾ انٽري/ ويزا اپيج اضافي طور تي گهربل هوندا. هن ??يو ته ڊر??ئيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز جي ويزا جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران ريڪنڊيشن ليٽر ۽ ايس اي سي پي جي رجسٽريشن کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي ڇو ته ويزا حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد رڳو شين جي بارڊر تي چرپر آهي. هن ??يو ته مٿي ڄاڻايل سموريون تجويزون اقتصادي رابطا تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڊر??ئيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز تي لاڳو هونديون. هن ??يو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نادرا کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم جي نظام ۾ تبديلي جي هدايت ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ڪاروباري آسانين جي فروغ لاءِ گهرو وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي آنل ائين ادائيگين کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم سان ڳنڍيو ويندو. هن ??يو ته وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪي به مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اهي افغان شهري جيڪي سيڙپڪاري جي لاءِ نار رياستن جو رخ ڪن ٿا انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن ??يو ته ڪابينا افغانستان مان ايندڙ مريضن جي لاءِ پڻ ويزا ۾ نرمي جي تجويز ڏني آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان شهرين جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ٻن هفتن جي اندر جوڙي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا ذيلي ادارا پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران تجويز آئي هئي ته ڪجهه مينوفيڪچررز توانائي جي بچت جي حوالي سان معيارن تي پورو لهڻ جي لاءِ وقت گهري رهيا آهن. هن ??يو ته ان مقصد جي لاءِ مشاورت وڌيڪ ضروري آهي. هن ??يو ته ڪابينا ان حوالي سان هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو. هن ??يو ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير آغا حسن بلوچ ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز هوندا. هن ??يو ته ڪابينا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان کي توانائي بچائڻ جي ضرورت ۽ ان سلسلي ۾ بجلي سان هلندڙ سمورن اوزارن جي اسٽينڊرڊز ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 جون 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان ۾ 13 مختلف ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽس منظور ڪيون ويون آهن. افغان رهواسين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته 2013ع کان 2018ع تائين سرحدن تي انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم جوڙيو ويو هو، هن ??يو ته 2015ع ۾ انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم ايئرپورٽس ۽ بارڊرز تي پڻ قائم ڪيو ويو هو. هن ??يو ته افغانستان جي لاءِ ويزا رجيم ۾ ڪجهه ويزا ڪيٽيگريز کي شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز ۽ ڊر??ئيورز شامل آهن. هن ??يو ته ان کان اڳ ويزا پاليسي ۾ جڏهن به نرمي ڪئي وئي ته نادرا کي شامل نه ڪيو ويو. هن ڀيري پهريون ڀيرو نادرا کي ان نظام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ??يو ته ڪاروباري آسانين کي نظر ۾ رکندي اها ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان تي مڪمل مڪينزم موجود آهي. ملڪ رياض تي رجسٽرڊ ايف آءِ آر جي حوالي سان سوال تي هن ??يو ته ان ايف آءِ آرز تي معلومات گهرو وزير ڏيندو، ان ڏس ۾ بريفنگ رکي ويندي جنهن ۾ هو سموري معلومات فراهم ڪندو. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته حڪومت اسپيڪر ۽ پارليامينٽ جي معاملن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، رولز ۽ پروسيجرز موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلا ڪندو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي حڪومتي مداخلت ناهي هوندي. هن ??يو ته هن اسيمبلي کي ع??ران خان وانگر پارليامينٽ تي تالو لڳائي نه پيو هلايو وڃي پر ان کي پارليامينٽ جي ضابطن موجب هلايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي بالادستي تحت اسيمبلي هلي رهي آهي، اهو ئي جمهوريت جو اصل روح آهي. لوڊشيدنگ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا. هن ??يو ته گذريل چئن سالن دوران جيڪو عذاب پاڪستان تي مڙهيل رهيو، ان معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه ۽ برباد ڪيو. هن ??يو ته اسان گذريل حڪومت وانگر الزام بازي ڪري ماتم نه ڪري رهيا آهيون پر اسان توانائي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي سطح تي فيول جي کوٽ آهي، ان جي باوجود 30 جون تائين جيڪو پلان ڏنو هو ان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ڪفايت شعاري جي حوالي سان سوال تي هن ??يو ته ان ڏس ۾ قدمن تي ع??لدرآمد شروع ٿي ويو آهي. هن ??يو ته وزارتن جي سطح تي پڻ ڪفايت شعاري جي قدمن تي ع??لدرآمد ڪيو پيو وڃي.