ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وا??ثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏي وزير مير ع??دالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وزيراعظم آفيس کي ه?? ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ وزيراعظم جي ه??ايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وا??و وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وا??و وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.