ايبٽ آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ايبٽ آباد ۾ جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان حوالي سان ايبٽ آباد ۾ ب??ڪس??گ نائٽ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. رات جي مصنوعي روشني ۾ منعقد انهن مقابلن ۾ بهترين رانديگر پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندا. ريجنل اسپورٽس آفيسر احمد زمان موجب جشن آزادي جي مناسبت سان 13 آگسٽ تي رات جي مصنوعي روشني ۾ آزادي ب??ڪس??گ نائٽ تاريخي ايون?? هوندو، جنهن ۾ ب??ڪس??گ جا باصلاحيت رانديگر رنگ ۾ لهي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. هن ٻڌايو ته ايونٽ جي ڪامياب انعقاد لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.