حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مه??اڻ يونيورسٽي آف ان??نيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين ??ي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مه??اڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي ان??هائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪشميرين جو استحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان وڏا مظلوم آهن، ڀارت ڪشميرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪشمير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل ان??نيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس ان??نيئرنگ جي حماد راجپوت ڪشمير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪشمير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو باضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.