اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي ??اپ??ر جي فروغ لاءِ ترجيحي ??اپ??ر (مصنوعات جي ??اپ??ر) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ??ي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ??اپ??ر واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي ??اپ??ر واري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ??اپ??ر واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي ??اپ??ر واري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مخ??لف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي ??اپ??ري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي ??اپ??ر واري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مخ??لف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ ??اپ??ر جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي ??اپ??ر جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي ??اپ??ر جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي ??اپ??ر جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ??اپ??ر جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي ??اپ??ر جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ??ي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو ??اپ??ري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ ??اپ??ري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.