اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، ف??ض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻ??ڏ متاثرين جي امداد ۽ ت??اه?? ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو و??ڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻ??ڏ جي ت??اه?? ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.