نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، متاثرين کي فوري طور تي 25، 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙ?? خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چي?? ته اسان سڀ گڏجي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چي?? ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.