اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي آيل تر??يه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، تر??يه جي ماحوليات، اربنائيزيشن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم، ترڪ ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، ترڪ گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊ??ئر??ڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تر??يه جي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ته صدر اردوان جي فون ڪال جي فوري پوءِ تر??يه ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ هنگامي امدادي سامان جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 ترڪ فوجي جهاز ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران تر??يه پاران پاڪستان جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تر??يه ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ دل آهن ۽ انهن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراس??رڪ??ر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻهن جي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تر??يه جي ڀرپور تعاون جي اميد جو اظهار ڪيو. ترڪ گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دوران قيمتي جاني جي زيان ۽ قيمتي مل??يت?? جي تباهي تي صدر اردوان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تر??يه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دوران تر??يه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀ??ئر?? ۽ ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. ترڪ وزير چيو ته صدر اردوان جي هدايتن موجب تر??يه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستان جي ضرورتن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گهرو وزير سوئيلو جي قيادت ۾ تر??يه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دورو ڪندو.