اسلام ??با?? -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان م??ابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين م??ڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان ??يلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان ??وقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪاري?? تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان ??ڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.