واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آيل ٻو??کي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻو?? سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي، جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آ??ن، جيڪي ساراهه جوڳا آ??ن. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون ??صو پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ??ايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آ??ن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون ??يون ??هن، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻو?? جي جائزو وٺي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.