اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊي?? جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊي?? جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هن??ون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام ب??د ڪيا ويا، مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئمير?? جي ذريعي پاڪستان خا?? طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مري پريس ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪوم?? جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.