اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ ج?? ڪري ??اڪ??تان ۾ غربت جي ??رح ۾ اضافي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ??اڪ??تان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. ??اڪ??تان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضافي جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ ج?? ڪري ??اڪ??تان ۾ غربت جي ??رح ۾ اضافي جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي ت??فظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري ??اڪ??تان جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ ج?? ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. ??اڪ??تان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. ??اڪ??تان مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.