اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جاپان لاءِ پا??ستان جي نامزد سفير رضا بشير تارڙ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پا??ستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پا??ستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جاپان جي پا??ستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پا??ستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪ??ٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پا??ستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جاپان پا??ستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پا??ستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.