اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت بابت هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شروع??تي مرحلي ۾ تشخيص جي ڪري ذهني ۽ نفسي??تي مرضن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، آن لائين مينٽل هيلٿ پورٽلز، ورچوئل پروگرامز، مصنوعي ذهانت،مينٽل هيلٿ چيٽ بوٽس ۽ هيلپ لائينز جي استعمال سان گڏوگڏ لاڳاپيل سرڪاري ۽ ٻين ڌرين کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذر??عي موجوده انفراسٽرڪچر کي مضبوط بڻائڻ ۽ آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسي??تي صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پاڪستان ۾ ڀلائي ۽ ذهني مرضن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عرفان مصطفيٰ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي ۽ ذهني مرضن جي 200 کان وڌيڪ شڪليون آهن جن تي شروع??تي مرحلي ۾ تشخيص جي ڪري آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته ان سان وسيلن جي لحاظ کان صحت جي نظام تي بار به گهٽ ٿي سگهي ٿو. صدر ان ڳڻتي جو اظهار ??يو ته مجموعي مرضن ۾ دماغي مرض جو تناسب 4 سيڪڙو کانوڌيڪ آهي ۽ ان ۾ عورت مريضن جو انگ وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 24 ملين ماڻهو اهڙا آهن جن کي نفسي??تي امداد جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هڪ لک ماڻهن جي لاءِ رڳو 0.19 ماهر نفسيات دستياب آهن، اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان سلسلي ۾ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بنيادي صحت جي نگهداشت جي شعبي ۾ ضروري افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت ڏئي ذهني صحت کي بنيادي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ بنيادي خدمتن جي طور تي شامل ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده پروگرامن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذر??عي وڌائڻ گهرجي، ضروري قانونسازي ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ ڌرين جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل نيٽ ورڪنگ کي فروغ ڏنو وڃي. صدر چيو ته ذهني صحت جي نگهداشت جو هڪ قومي منصوبو شروع ڪ??ڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عوامي آگاهي مهم، قومي دماغي صحت جي هيلپ لائين، بنيادي صحت جي يونٽن ۾ ذهني صحت جو انضمام، بنيادي صحت جي سارسنڀال ڪندڙ ڪارڪنن جي تربيت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذر??عي موجوده پروگرامن کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته دماغي صحت جي سهولتن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي خاص طور تي محروم علائقن ۾ غيرمراعت يافته آبادي جي لاءِ مشاورت 7 شروع??تي تشخيصي اوزارن جي فراهمي شامل آهي. صدر دماغي صحت بابت آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ ڌرين بشمول پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانسواءِ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا سان حصيداري تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ صحتمند معاشري جي تعمير جي لاءِ ذهني صحت اهم حيثيت رکي ٿي. صدر عارف علوي چيو ته عالم سڳورن ۽ پيش امامن ۽ مسجدن جي ذر??عي دماغي صحت بابت معلومات عام ماڻهن تائين پهچائڻ سان ذهني صحت سان واڳيل ممنوعات کي ٽوڙڻ ۽ ان حوالي سان ماڻهن کي روين ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن سوشلم يڊيا مهم شروع ڪرڻ، ڪميونٽي تي ٻڌل وڊيو اسڪريننگ ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي ذهني صحت بابت آگاهي مهم ۾ شامل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته خاتون اول ثمينه علوي جي ٺوس ڪوششن ۽ قيادت جي ڪري بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي جو هڪ مڪمل ٺوس ماحولي??تي نظام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ان لاءِ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم، پوليو مهم ۽ ڪوويڊ 19 جي خلاف حڪمت عملي سان حاصل ٿيندڙ تجربي سان ذهني صحت بابت آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي مهم کي موثر بڻائڻ جي لاءِ پڻ فائدو کڻي سگهجي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:08