استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مخ??لف شعبن ۾ دستي??ب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مخ??لف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ ??وثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪيه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌ??ئڻ جي لاءِ ??رعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مخ??لف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ ??اڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لاءِ ??اڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هار??ئڻ جي لاءِ ??عاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مخ??لف شعبن ۾ تعاون وڌ??ئڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻ??ئڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ ??فاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ??دمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مخ??لف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.