اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب?? گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت ت?? ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قطر جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قطر جي سفير قطر جي عوا?? ۽ ??يادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قطر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ??پ جي ڪامياب ميزباني تي قطري قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ??پ 2022ع جي لاءِ سي??يو??ٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ??پ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ??پ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب?? گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهي?? ۽ ??يجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.