اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي دوري جو مقصد واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي منهنجي دوري جو مقصد صدر شيخ محمد بن زايد ??لنهيان سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته ??سان ان عزم ۽ فهم جو ادراڪ رکون ٿا ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي.