اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولرائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ??لڪ ۾ توانائي بچت جي قدمن تي عملدر??مد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??لڪ گير سولرائيزيشن منصويي تي عملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ??لڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز ۽ سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ??لڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ??لڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي وڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي گهٽ کپت وارن پنکن ۽ بلبن جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جو عمل شروع آهي جڏهن ته تعليم واري وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن وٽ پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان م??صد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سولرائيزيشن جو عمل پڻ شروع آهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت واري وزارت پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ا??ار?? کان ان تي راءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ??لڪ ۾ انرجي ايفيشينٽ پنکا ۽ بلب ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل آهن، ايندڙ مالي سال کان ??لڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدر??مد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عمل??ار?? شرڪت ڪئي.