ڪراچي – 10 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ فوجي آفيسرن ??ي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊي?? سيل پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير ??ي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميجر جواد شهيد ۽ ڪيپٽن صغير شهيد ج?? قرباني رائيگان نه ويندي. هن چيو ته ميجر جواد شهيد ۽ ڪيپٽن صغير شهيد ج?? پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.