اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ بين الپارل??ام??ني يونين (آئي پي يو) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارل??ام??ني تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي بين الپارل??ام??ني يونين جي امن، جمهوريت، انساني حقن، نوجوانن کي بااختيار ب??ائڻ، سياسي ڳالهين ۽ پارل??ام??ني ڪارروائي جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هو بين الپارل??ام??ني يونين جي صدر ڊوارٽي پچ??ڪو سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پارليامينٽرينز عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جنگين کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته سڄي دنيا جا پارليامينٽ ميمبر عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪن. صدر معزز مهمان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڊگهي ??نگ ۾ پاڪستاني قوم هزارين جانين جي قرباني ڏني ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پڻ کنيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان دهشتگردن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي ????ڪو اسان جي ملڪ جي انساني همدرديءَ جي جذبي جو واضح ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊوارٽي پچ??ڪو جي دوري سان پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ بين الپارل??ام??ني يونين جي ميمبر پارليامينٽس جي وچ ۾ پارل??ام??ني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي آئي پي يو جي صدر ٻڌايو ته بين الپارل??ام??ني يونين هڪ اهم پليٽ فارم آهي ??نهن پنه??جا تجربن ۽ معلومات جي ٻين ميمبر ملڪن سان مٽاسٽا ڪئي آهي. هن پشاور جي مسجد تي تازي دهشتگرد حملي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي.