اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن آف پاسپورٽ آفيس ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي خزاني تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ??وا??ي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي ??زير ??ينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير ??اڻا ثناءُ الله، تعليم واري وفاقي ??زير ??اڻا تنوير ??سين، نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل اميگري??ن اينڊ پاسپورٽ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. نادرا جي مرڪز ۾ پاسپورٽ آفيس جا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن ۽ ڪفايت شعاري ۽ بچت کي نظر ۾ رکندي نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جي جڳهه ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي ناڻي تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جي سروس، انهن جي درن ??ي مهيا ڪرڻ جي لاءِ موبائيل نادرا وينز جو انگ فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم به ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڏيندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهرين کي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد جي سهولت لاءِ نادرا پاران نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن هدايت ڪئي ته عام شهرين کي انهن جي گهرن ??ي درن ??ي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي فراهمي جي ??وا??ي سان قدمن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته هر شهري کي ان ??وا??ي سان هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. وزيراعظم حڪم ڏنو ته پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جا جيترا به منصوبا منظور ٿي چڪا آهن اهي نادرا کان اڳ ۾ موجود آفيسن ۾ قائم ٿين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحافين جي سهولت لاءِ نادرا هڪ نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي ذريعي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد ٿي سگهندي.